اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ?? پوري عزم ۽ اتحاد سان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي، وقت ??چي ويو آهي ته دنيا ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن ??ي سنگين پ??ئمالين جو نوٽيس وٺي. ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي سيريز آف ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪشمير ۾ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جو اهتمام عالمي برادري جي ذميواري آهي. گڏيل قومن تي لازمي آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ??اڻ??ن جي خراب حالت ۽ ڀارتي رياست جي ظال??اڻ?? عسڪري قبضي کان آزادي ۽ ڇوٽڪاري جي انهن جي ناقابل اعتراض ۽ انڪار خواهش کي نظرانداز نه ڪري. وزيراعظم چيو ته وقت ??چي ويو آهي ته دنيا ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن ??ي سنگين پ??ئمالين، جن ۾ نسل ڪشي سميت انسانيت جي خلاف ڏوهن ۽ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي سميت جنگي ڏوهه شامل آهن ۽ جنيوا ڪنيونشن جي واضح خلاف ورزي آهي جو نوٽيس وٺي. وزيراعظم چيو ته خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ?? پاڪستان پوري عزم ۽ اتحاد سان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. مودي جي ڏاڍ ۽ تشدد تي ٻڌل فسطائي پاليسيون به والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي مزاحمت جو روح ڪچلڻ ۾ ناڪام رهيون آهن.