راولپنڊي – 09 جنوري (اي پي پي) فوج جي ??وامي لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) چيو آهي ته مريءَ ۾ سمورا مواصلاتي ذريعا هر قسم جي چرپر جي لا??ِ کوليا ويا آهن، ڪلڊنه باڙيان روڊ ٽريفڪ جي لا??ِ کوليو ويو آهي. آءِ ايس پي آر پاران مريءَ جي ??ورتحال تي جاري تازي ترين اپ ڊيٽس موجب مين رستن کي کولڻ کانپوءِ آرمي جا انجنيئرز هاڻي لنڪ روڊ تي ڌيان ڏئي رهيا آهن. ريليف ڪئمپ ۽ ميڊيڪل جون سهولتون مڪمل طور تي فعال آهن جڏهن ته فوجي گاڏيون ڦاٿل سياحن کي راولپن??ي ۽ اسلام آباد پهچائڻ جي لاءِ استعمال ڪيون پيون وڃن.