اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري مملڪتي وزير فرخ حبيب فارن فنڊنگ ب??بت ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته قانون موجب ڪا به سياسي پارٽي ڪنهن ٻي پارٽي کي فنڊ نٿي ڏئي سگهي. ٽي وي چئنلز بريڪنگ نيوز جي چڪر ۾ فيڪ نيوز جو حصو نه بڻجن، ??ليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي جتي پي ٽي آءِ جي اڪائونٽن جي پڙتال ڪري رهي آهي ائين ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي اڪائونٽن جي به ڇنڊڇاڻ ??ي رهي آهي، هن چيو ته اسان جي ماهرن جي جاچ موجب ن ليگ جا 9 اڪائونٽ اهڙا آهن جيڪي اليڪشن ڪميشن کي ناهن ٻڌايا ويا انهن مان ڪروڙين روپين جي ٽرانزيڪشن ٿي آهي، سپريم ڪورٽ حنيف عباسي جي ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي هئي ته سڀني سياسي پارٽين جي اڪائونٽن جي بنا ڪنهن متڀيد جي ڇنڊڇاڻ ٿيڻ گهرجي، فرخ حبي?? چيو ته پيپلزپارٽي 2013ع ۾ 9 اڪائونٽس، 2014ع ۾ 11 ۽ 2015ع ۾ 10 اڪائونٽ لڪايا، پيپلزپارٽي وٽ 34 ڪروڙن جي عطين جو ڪو به رڪارڊ نه آهي، پيپلزپارٽي، پيپلزپارٽي پارليامينٽرين، ۽ پارليامينٽرين پيپلزپارٽي جا خرچ برداشت ڪن ٿيون، ??يڪو غير قانوني آهي.