اسلام آباد – 28 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي قيادت ٻطرفن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ لاءِ پرعز?? آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر سعودي عرب جي سفير نواف المالڪي سان ڳالهائ??ند?? چئي جنهن ساڻس پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ هڪجهڙي عقيدي، ثقافت، تاريخ ۽ اسٽريٽجڪ تعاون جي بنياد تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳ??پا آهن. هن چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي قيادت ٻطرفن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ لاءِ پرعز?? آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن هر مشڪل گهڙي ۾ هڪٻئي جي مدد ڪئي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جي ??عم??ر ۽ ترقي ۾ سعودي حڪومت جي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا.