اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چي?? آهي ته پاڪستان جي سول سوسائٽي جمهوريت جي استحڪام ۽ ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ??يو آهي، پارليامينٽ جمهوريت کي ڪاميابي سان وڌندي ويجهندي ڏسڻ چاهي ٿي. ڊيموڪريسي رپورٽنگ انٽرنيشنل، ڊي آر آئي نيشنل ڪانفرنس کي خطاب ڪ??دي هن ڊي آر آئي قومي ڪانفرنس جي انعقاد کي ساراهيو ۽ چي?? ته سول سوسائٽي جو ڪم معاشري ۾ بي حد اهميت رکندڙ آهي، حڪومت سول سوسائٽي سان ڀرپور تعاون ڪري رهي آهي، پارليامينٽ ۾ ٻارن جي بهتري لاءِ قانون سازي ٿي رهي آهي، اسلام آباد ۾ ٻارن جي تعليم سا?? گڏوگڏ شيلٽر هومز به ٺاهيا پيا وڃن، قومي اسيمبلي ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي جيڪا ان تي ڪم ڪري رهي آهي، ڪميٽي ۾ سمورين پارٽين جي نمائندگي آهي، چونڊ سڌارن کانپوءِ جمهوريت کي وڌيڪ سگهه ملي آهي، هن چي?? ته سول سوسائٽي کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ان جي صلاحيت موجب موقعو ڏنو وڃي جنهن لاءِ پارليامينٽ جا دروازا کليل آهن.