اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان بي وقت جو راڳ آلاپي رهيو آهي ۽ ٻڌڻ وارو ڪير نه آهي، مارچ ۽ احتجاج ڪرڻ اپوزيش?? جو حق آهي پر مولانا فضل الرحمان جي ڪوشش آهي ته موجوده سسٽم ختم ٿئي ۽ ان جي جڳهه ٻيهر ٺهي، مولانا حوصلو رکي ۽ پن??نج?? آسپاس ڏسي، ان سان گڏ ڪير نه آهي هو اڪيلو بيٺل آهي، 23 مارچ به اچي ويندو، مولانا فضل الرحمان اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا تاريخون ۽ حڪمت عملي بدلائي چڪو آهي. مولانا فضل الرحمان جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ڊي ايم 23 مارچ تي اسلام آباد طرف مارچ ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي، مولانا فضل الرحمان اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا تاريخون ۽ حڪمت عملي بدلائي چڪو آهي، اها تاريخ به حتمي نه هوندي. هن چيو ته مارچ ۽ اهتجاج ڪرڻ اپوزيش?? جو حق آهي، وزيراعظم عمران خا?? جو به چوڻ آهي ته اپوزيش?? جو ڪم تنقيد ڪرڻ آهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جي ڪوشش رهي آهي ته هي سسٽم ختم ٿئي جيئن ته هو هن سسٽم جو حصو نه آهي، نواز شريف ۽ مريم نواز ان لاءِ مولانا فضل الرحمان سان گڏ نظر اچن ٿا ڇو ته اهي سسٽم جو حصو نه آهن. هن چيو ته جيڪي ماڻهو سسٽم ۾ آهن اهي اهڙي حڪمت عملي کي سپورٽ نه ٿا ڪن، اڄ جي اجلاس ۾ به پارليامينٽ جي اندر موجود پارٽين ۽ شخصيت?? جو موقف پارليامينٽ کان ٻاهر رهندڙن کان مختلف هو، مولانا فضل الرحما?? جون ڳالهيون ٽائين ٽائين فش هونديون، پي ڊي ايم پن??نج?? طبعي عمر پوري ڪري چڪي آهي. هن چيو ته پنجاب ۾ مقامي حڪومت?? جون چونڊون ٿيڻ واريو?? آهن، خيبرپختونخواهه ۾ 19 ڊسمبر تي بلدياتي چونڊون ٿي رهيو?? آهن، ان کانپوءِ ايندڙ سال اسان پن??نج?? آخري بجيٽ پيش ڪنداسين ۽ ان کانپوءِ ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيڻيو?? آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته بي وقت جو راڳ مولانا فضل الرحمان اڪيلي ڳائي رهيو آهي ۽ ٻڌڻ وارو ڪير نه آهي، مولانا فضل الرحمان حوصلو رکي ۽ پن??نج?? آسپاس ڏسي، توهان سان گڏ ڪير به نه آهي، توهان اڪيلا بيٺل آهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اميد آهي پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽيون مولانا فضل الرحمان جي سيالڪوٽ سانحي جي حوالي سان غيرذميواراڻي بيان تي کانئس پڇاڻو ڪنديون، مولانا فضل الرحمان غيرذميواري جو ثبوت ڏيندي ان افسوسناڪ واقعي کي تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ??ئي آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته 23 مارچ پاڪستان جي قوم جي لاءِ اهم ڏينه?? آهي، اهو قومن کي هڪ ٻئي کان جدا ڪرڻ جو ڏينهن نه آهي، قومن کي ڳنڍڻ جو ڏينه?? آهي، 23 مار?? جو ڏينهن به اچي ويندو، توهان به هتي آهيو، اسان به هتي آهيون، ڏسي وٺنداسين.