اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ??ه سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ م گڏيل عقيدي تي ٻڌل سياسي، معاشي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا قائم آهن، عالمي سطح تي انهن لاڳاپن کي اهم حيثيت حاصل آهي، سعودي عرب ۽ اسان جا لاڳاپا پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ 1940ع کان قائم ٿيڻ شروع ٿيا ۽ 1947ع ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ انهن لاڳاپن نئين ??گهه اختيار ڪرڻ شروع ڪيو، شاهه سلمان ريليف فنڊ جي ذريعي فلاحي ڪم ساراهه جوڳا آ??ن، انٽر ريليف پراجيڪٽ سان غريب طبقو فائدو کڻندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي سفارتخاني ۾ ڪنگ سلمان هيومنٽرين ??يڊ اينڊ ريليف سينٽر پاران ونٽر ريليف پراجيڪٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سعودي عرب هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي، 2005ع جي زلزلي ۾ سعودي عرب 10 ملين ڊ??لر جو عطيو ڪيو، 09 – 2008ع ۾ ٻوڏ دوران سعودي عرب پاران 170 ملين ڊ??لر ۽ 2014ع ۾ اڪنامڪ ريليف جي لاءِ 1.5 ملين ڊ??لر جو ريليف پئڪج ڏنو ويو، 1960ع کان سعودي عرب پاڪستان جو سڀ کان وڏو ڊونر ملڪ آهي. سعودي عرب 38 ملين ڊ??لر ڊيزاسٽر ريليف جي لاءِ فراهم ڪيا، هائوسنگ منصوبي جي لاءِ 55 ملين ڊ??لر، اسڪولن جي لاءِ 5 ملين ڊ??لر، مسجدن جي لاءِ 13 ملين ڊ??لر جا عطيا ڏنا. هن ٻڌايو ته سعودي عرب پاران پاڪستان ۾ 11271 گهر تعمير ڪيا ويا، 9800 ماڻهو ان منصوبي مان فائدو کڻي رهيا آ??ن. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا ڏهاڪا پراڻا آ??ن ۽ وقت سان گڏوگڏ اهي لاڳاپا نئين ??گهه اختيار ڪري رهيا آ??ن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو هر شهري سعودي عرب کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته ڪنگ سلمان هيومنٽرين ??يڊ اينڊ ريليف سينٽر پاران شروع ڪيل ونٽر ريليف پراجيڪٽ سان بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي پٺتي پيل علائقن جا مستحقين فائدو کڻندا. واضح رهي ??ه ڪنگ سلمان هيومنٽرين ??يڊ اينڊ ريليف سينٽر پاران ونٽر ريليف پراجيڪٽ شروع ڪئي وئي آهي ??نهن تحت 29 هزار ڪٽس پٺتي پيل علائقن جي عوام ۾ ورهايون وينديون. ان پراجيڪٽ سان 2 لک 90 هزار غريب ماڻهو فائدو کڻندا.