اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڪوئيٽا بم ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ??ندي چيو آهي ته دهشتگرد بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ چاهين ٿا، اهڙين بزدلاڻي ڪاررواين سان اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ملڪ خاص طور تي بلوچستان جي امن کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿيندي. هن چيو ته سيڪيورٽي ادارن امن امان جي بحالي لاءِ اڻٿڪ قربانيون ڏنيون آهن، انهن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف ??نگ ۾ پنهنجي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ڌماڪي ۾ شهيد ٿي??دڙ پوليس اهلڪارن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ??يو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.