اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان نيشنل ه??لٿ سروسز بابت پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين حامد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ بجيٽ تي ڳالهه ٻوله?? ٿي، ان کانسواءِ ڊاڪٽر نوشين حامد وزيراعظم کي ڪامياب سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي جي ڪري ڪورونا وبا ??ي ضابطو آڻڻ ۽ معيشت جي بحالي تي خراج تحسين پيش ڪيو.