فيصل آباد – 22 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزي?? فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ جي معيشت ۾ 33 بلين ڊالر اضافو ٿيو آه??، هلندڙ مالي سال جي آخر تائين روانگي واپار جو مجموعي ڪاٿو 26 ملين ڊالر تائين پهچي ويندو، آءِ ٽي روانگي واپار ۾ 44 سيڪڙو، هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ پرڏيهي ناڻو 24 ب??ين ڊالر تائين پهچي ويو، اسحاق ڊار جي معيشت سرخي پالش ۽ بيوٽي پارلر واري هئي، پاڻي ذخيرا نه ٺاهيندڙ سياستدان قومي ڏوهاري آهن، ??ي ڊي ايم ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪي آه??، هاڻي اهي جيلن ۾ ئي گڏ ٿيندا. هو نيشنل اسپتال فيصل آباد ۾ ڪوويڊ 19 وارڊ جي افتتاحي تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. مملڪتي وزي?? فرخ حبيب چيو ته ڪوويڊ 19 جي ڪري سڄي دنيا جي معيشت متاثر ٿي آهي، انهن سمورن چئلينجز جي باوجود عمران خان جي قيادت ۾ موجوده حڪومت معاشي ميدان ۾ تمام گهڻ??ون ڪامياب??ون حاصل ڪ??ون آهن، اسان جي معيشت 33 بلين ڊالر جي اضافي سان 4 سيڪڙو تي ترقي ڪري رهي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽس هڪ بلين ڊالر کان سرپلس، ايڪسپورٽس ۾ 13.5 سيڪڙو اضافو، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 24 ب??ين ڊالر تائين پهچي ويا آهن، روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ هڪ بلين ڊالر، يورو بانڊ 2.5 بلين ڊالر، چانور، مڪئي، ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار، ٽريڪٽر، موٽرسائيڪل، گاڏين جو رڪارڊ وڪرو ۽ ٽيڪسز جون رڪارڊ اوڳاڙ??ون ذڪر جوڳ??ون آهن.