اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، برطانوي ڪم??نيون پاڪستان جي سيڙپڪار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان برطانيه ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر معظم خان ملاقات ڪئي آهي. ايوان صدر ميڊيا ونگ ??اران جاري بيان موجب هتي ٿيندڙ ملاقات جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نامزد هاءِ ڪمشنر ٻنهي ملڪن جي ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري، هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ برطانوي ڪم??نين کي پاڪستان جي سيڙپڪاري دوست ماحول طرف متوجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن برطانوي سيڙپڪار دستياب موقعن مان فائدو کڻي سگهن.