اسلام آباد – 13 ا??ريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي (اين سي سي) جو اهم اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مر??د علي شاهه جي درخواست تي ڪورونا وائرس جي عدم پکيڙ ۽ عوام جي جان ۽ مال، روزگار جي تحفظ کي يقيني بنائڻ جي لاءِ مستقبل جا فيصلا هڪ ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيا ويا آهن، وزيراعظم عمران خان سنڌ جي وڏي وزير کي هدايتون ڏنيون ته هو اڄ اڱاري ڏينهن اين سي سي جي اجلاس ۾ هڪ جامع روڊ ميپ کڻي اچي جنهن ۾ پوئتي پيل علائقن، ڪچين آبادين ۽ پورهيت?? جي حق?? جي تحفظ جي جهلڪ نظر اچي، وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي (اين سي سي) جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ٻڌايو ته وزيراعظم جي صدارت ۾ اين سي سي اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته مستقبل جي فيصلن کي هڪ ڏينه?? جي لاءِ ملتوي ڪيو وڃي، سنڌ جي وڏي وزير مر??د علي شاهه طرفان درخواست ڪئي وئي ته اڏاوتن واري شعبي ۽ ضروري شين کي کولڻ جي قدم?? جي اعلان کان اڳ ڪجهه وقت ڏنو وڃي ته جئين هم آهنگي سان فيصلن تي عملدرآمد يقيني بڻايون.