اسلام آباد – 07 اپ??يل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا کي وزيراعظم ڪرونا رليف ٽائي??ر فورس بابت تازي رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته فورس ۾ رجسٽرڊ نوجوانن جو انگ 8 لک جي لڳ ڀڳ ٿي ويو آهي، وزيراعظم عمران خان رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڪرونا رليف ٽائي??ر فورس کي صوبائي سطح تي فوري طور تي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم ڪرونا رليف ٽائي??ر فورس جي آپريشنل معاملن جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار ڪابينا ميمبرن کي ڪرونا رليف ٽائي??ر فورس بابت تازن انگن اکرن تي ٻريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪندي فورس کي صوبائي سطح تي فوري طور تي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ٽائي??ر فورس ج?? لائيو اپ ڊيٽ کي ڪووڊ 19 جي سرڪاري ويب سائيٽ تي پبلڪ ڪيو ويو آهي.