اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه?? محمود قريشي چيو آهي ته ڏکڻ ??نجاب صوبو رڳو تنقيد نه، آئيني ترميم سان ٺهندو، ڇا بلاول ان آئيني ترميم جي لاءِ اسان سان تعاون لاءِ تيار آهي. ڏکڻ ??نجاب جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته بلاو?? ڀٽو ناسمجهه ۽ ان جا استاد نالائق آهن، هن چيو ته بلاو?? ڀٽو کي لکيل پرچيون ڏنيون وينديون آهن، بلاو?? ڀٽو کي هن وقت تائين ادراڪ ناهي ته هو ڇا ڪري رهيو آهي ۽ حقيقت ڇا آهي، جيئن جيئن وقت گذرندو بلاول سمجهي ويندو ته صرف تنقيد سان ڏکڻ ??نجاب صوبو نه ٺهندو، ڏکڻ ??نجاب صوبو آئيني ترميم سان ٺهندو، منهنجو سوال آهي ته ڇا بلاول آئيني ترميم لاءِ اسان سان گڏ تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهي، شاه?? محمود قريشي چيو ته جيڪڏهن ڏکڻ ??نجاب صوبي کي عملي جامو پارائڻ چاهيو ٿا ته اچو گڏجي آئيني ترميم ڪيون، هن چيو ته آئون بل پيش ڪري رهيو آهيان جيڪڏهن توهان جي نيت صاف آهي ته پنهنجو ووٽ ڏيو ۽ ڏکڻ ??نجاب کي حق ڏياريو، شاه?? محمود قريشي چيو ته مون 19 جنوري تي خط لکيو توهان جواب ڏيڻ جي زحمت نه ڪئي، مون بلاو?? ڀٽو ۽ شهباز شريف کي اڄ ٻيهر خط لکيو آهي، هن چيو ته يو اين ڊي پي جي جيڪا رپورٽ آئي آهي ان منهنجي موقف جي تصديق ڪئي آهي. ڏکڻ ??نجاب سڀني کان پوئتي پيل ريجن آهي، مون شهباز شريف کي به يو اين ڊي پي جا سڀئي انگ اکر موڪليا آهن، منهنجي شهباز شريف کي درخواست آهي ته ڏکڻ ??نجاب جي معاملي تي سنجيدگي سان غور ڪري، ڏکڻ ??نجاب جي حقيقتن کي سامهون رکندي اڳتي وڌڻو پوندو جيڪڏهن بلاول ۽ شهباز شريف پنهنجي سياسي مفاد کي به سامهون رکن ته انهن کي ڏکڻ ??نجاب جي جوڙجڪ ۽ جاچ ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ گهرجي.