اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ??يو آهي ته بدترين دشمنن 16 ڊسمبر تي معصوم ٻارن ۽ بيگناهه اس??ادن کي بيگناهه شهيد ڪيو، هي ڏينهن اس??ن جي عزم جو نشان بڻجي چڪو آهي اس??ن دهشتگردي خلاف جنگ جاري رکنداسين. معصوم ٻارن ۽ اس??ادن پنهنجي رت سان پرامن پاڪستان جو بنياد رکيو. گهرو وزير آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن جي ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ??يو ته وحشي صفت د??شتگردن معصوم گلن جهڙن ٻارن کي بيدردي سان شهيد ڪيو. اي پي ايس جا شهيد اڄ به قوم جي دلين ۾ زنده آهن جڏهن ته بزدل دشمنن لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي آهي. اي پي ايس جي شهيدن قوم کي دهشتگردي جي ناسور خلاف هڪ ڪيو. هن ??يو ته شهيد معصوم ٻار ۽ اس??اد سڄي قوم جا هيرو آهن ۽ سندن والدين کي سلام پيش ڪيون ٿا. سڄي قوم اڄ اي پي ايس جي شهيدن جي لازوال قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪري رهي آهي.