اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميجر محمد اڪرم شهيد نشان حيدر کي سندس 53هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر محمد اڪرم شهيد اوڀر پاڪستان ۾ وڙهندي جرئت ۽ بهادري جو لازوال مثال قائم ڪيو، قوم پنهنجي شهيدن ۽ ا??هن جي گهرڀاتين جي ملڪ جي لاءِ قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ميجر محمد اڪرم شهيد (نشان حيدر) دشمن جي عددي ??رت??ي جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ان جو ڄمي مقابلو ڪيو. ميجر محمد اڪرم شهيد فرض شناسي ۽ وطن سان وچن وفا جو اهڙو مثال قائم ڪيو جيڪو نوجوان نسل جي لاءِ قابل تقليد آهي. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم کي پاڪ فوج جي شهيدن ۽ ا??هن جي گهرڀاتين تي فخر آهي. وطن جي خاطر پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ وطن جي عظيم فرزندن جي لاءِ پوري قوم جا عقيدت جا جذبا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن ۽ ا??هن جي گهرڀاتين جي وطن جي دفاع لاءِ ڏني ويندڙ قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي.