ماسڪو-03 ڊسمبر (اي پي ??ي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري روس جي ٽرانسپورٽ بابت وزير رومان اسٽارو وائٽ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفن رابطن کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو ويو. اهي رابطا نه صرف پاڪستا?? ۽ ??وس پر سڄي خطي لاءِ لاڀائتا ثابت ٿيندا. پاو?? ڊويزن طرفان جاري پريس رليز موجب وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري ماسڪو ۾ پاڪستان روس بين الحڪومتي ڪميشن جي نائين اجلاس جي گڏيل صدارت لاءِ موجود آهن. اويس لغاري پاڪستا?? ۽ ??وس وچ ۾ وڌندڙ سهڪ??ر کي ساراهيندي ان کي پوري خطي لاءِ لاڀائتو قرار ڏنو. ٻنهي اڳواڻن ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪار جي سمورن منصوبن جنهن ۾ روڊ، ريل ۽ فضائي رابطن جو جائزو ورتو. وفاقي وزير، روس جي وزير کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت ڏني. ٻنهي ڌُرين رابطن کي جاري رکڻ ۽ سهڪ??ر کي وڌيڪ وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو.