شيخوپوره-15 نومبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جو چوڻ آهي ته سمورا مذهب احترام لائق آهن، پاڪستان حڪومت مذهبي اقليتن جي حقن جي حفاظت ڪندڙ آهي، ايويڪيو ٽرسٽ جي ??ذهبي اقليتن لاءِ خدمتون تعريف جوڳيون آهن. ياترين جي ??همان نوازي اسان جو فرض آهي جنهن کي اسان انجام ڏيندا رهنداسين. بابا گرونانڪ ديوجي جي انسانيت لاءِ تعليم فخر جوڳي آهي. هن چيو ته اقيلتن جي ??ذهبي عبادتگاهن جي تعمير ۽ رنگ روغن جاري آهي. گورو دواره ڀائي ڪرم س??گه??، گورو دواره ڀائي جوگا س??گه?? سميت ٻين گردوارن جي بحالي جا قدم کنيا پيا وڃن، پاڪستان اقليتن لاءِ محفوظ ملڪ آهي اسان امن ۽ ڀائيچاري جا خواهشمند آهيون. اها ڳالهه هن سک مذهب جي باني بابا گرونانڪ جي 555هين جنم ڏڻ جي ??رڪزي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين سيد عطاءُ الرحمان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سک قوم کي جنم ڏڻ جون مبارڪون هجن.هن چيو ته اسان ڀارت مان آيل ياترين کي دل جي گهرائين س??ن پاڪست??ن پهچڻ تي ڀ??يڪ??ر ڪريون ٿا ۽ وفاقي حڪومت جي خاص هدايتن جي روشنيءَ ۾ اقليتن جي ??لاح ۽ بهبود ۽ سڄي دنيا مان آيل سک ياترين جي ??همان نوازي ۽ سارسنڀال لاءِ خاص انتظام ڪيا آهن. ننڪانه صاحب ۾ 100 ڪمرن جي تعمير ۽ ٻيا ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن، ياترين کي ميڊيڪل ۽ رهائش جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ??رتارپور ۾ 5 هزار ياترين جو انتظام آهي جڏهن ته ايندڙ ياترين جو انگن تمام گهٽ آهي. مان ڀارت سميت سڄي دنيا مان ايندڙ سک ياترين کي اپيل ٿو ڪريان ته ??رتارپور ۾ وڌ کان وڌ اچن ۽ گردوارن کي آباد ڪن. ياتري پاڪستان م??ن پيار محبت جو پيغام کڻي ويندا.