اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي س??ڪريٽري عنبرين جان کي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي اضافي چارج ڏئي ڇڏي. ڪابينا سيڪريٽريٽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران جاري ٿيندڙ نوٽيفڪيشن موجب پاڪستان حڪومت سول سرونٽس ايڪٽ 1973ع جي شق 10 تحت ا??لا??ات واري وفاقي س??ڪريٽري عنبرين جان کي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي عهدي جي اضافي چارج ٽن مهينن جي مدي يا ر??گيولر مقرري تائين ڏني وئي آهي. عنبرين جان هن وقت ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي س??ڪريٽري جي حيثيت سان فرض سرانجام ڏئي رهي آهي. چارج سنڀالڻ کانپوءِ ا??لا??ات واري وفاقي س??ڪريٽري ۽ ايم ڊي پي ٽي وي عنبرين جان پي ٽي وي ۾ ضابطن جي خلاف ڀرتين جي جاچ شروع ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. 12 رٽائرڊ ملازمن جي ٻيهر ملازمت ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻين ملازمن جي ڊگرين جي تصديق جو عمل پڻ شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.