اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگھائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڪرغزستان ??و وزيراعظم زاپاروف اڪيل بيڪ اڱ??ري ڏينهن اسلام آباد پھچي ويو. نورخان ??يئر بيس تي پيٽروليم و??ري وفاقي وزير مصدق ملڪ ۽ ٻين اعليٰ سول ۽ فوجي اختيارين سندس ريڊڪارپيٽ استقبال ڪيو. ان موقعي تي روايتي لباس پاتل ٻارن معزز مھمان کي گلدستا پيش ڪيا. ٻنھي اڳواڻن پاڻ ۾ خيرسگالي وارن جذبن جو اظھار ڪيو. ڪرغزستان ??ي وزيراعظم سان ??عليٰ سطح وفد پڻ گڏ آھي جنھن ۾ معيشت ۽ واپار وارا وزير، نائب پرڏيھي وزير ۽ ايس سي او لاءِ نائب رابطه ڪار پڻ شامل آھن. ان موقعي تي پاڪستان ۾ ڪرغزستان ??و سفير ۽ سفارتخاني جون ٻيون اعليٰ اختياريون پڻ موجود ھيون.