اسلام آباد -15 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت ل??ءِ بيلاروس جو وز??راعظم رومان گولوف چينڪو گذريل ڏينهن اسلام آباد پهچي ويو آهي. نور خان ايئر بيس تي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وز??ر سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ ٻين اعليٰ سول ۽ فوجي اختيارين سندس ريڊ ڪارپيٽ آجيان ڪئي. ان موقعي تي روايتي لباس پهريل ٻارن معزز مهمان کي گلدستا پيش ڪيا.
ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ خير سگالي جون ڳالهيون به ٿيون. بيلاروس جي وز??راعظم سان گڏ اعليٰ سطحي وفد به هو. واضح رهي ته شريڪ ملڪن جا نمائندا اڳ ئي شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ل??ءِ پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. ڪانفرنس ۾ شرڪت ل??ءِ ايندڙ مهمانن جي آجيان لاءِ سڄي شهر کي رنگ برنگي روشنين ۽ گلن سان سجايو ويو آهي ۽ ايس سي او جي ميمبر ملڪن جا جهنڊا به لڳايا ويا آهن. وز??راعظم محمد شهباز شريف ايس سي او سربراهه اجلاس جي صدارت ڪندو.