اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي ز??داري شاهزيب خ??ن کي سنگاپور ۾ عالمي ڪراٽي ڪامبيٽ چيميپئن شپ کٽڻ تي ??بارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي ز??داري ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ڪراٽي ڪامبيٽ چيمپيئن شاهزيب خ??ن کي سندس شاندار ڪاميابي تي ايوان صدر ۾ 10 ڪروڙ رپين جو چيڪ ڏنو. صدر سنگاپور ۾ ڪراٽي جي راند ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ تي شاهزيب خ??ن کي ساراهيندي چيو ته بلوچستان جي نوجوانن ۾ بي پناهه ٽيلينٽ آهي جن کي موقعا ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته راندين جي شعبي ۾ نوجوانن جي حوصلا افزائي ڪرڻ ضروري آهي. صدر اميد ظاهر ڪئي ته شاهزيب خ??ن مستقبل ۾ ب?? ملڪ جي لاءِ وڌيڪ ڪاميابيون ماڻيندو.