اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب گذريل ڏينهن هتي الواريز اينڊ مارسل جي ساورن مشاورتي خدمتن جي ايم ڊي رضا باقر سان ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزارت مان جاري ڪيل بيان مطابق اي ??ينڊ ايم عالمي پيشيوراڻي خدمتون فراهم ڪندڙ ناليواري ڪمپني آهي، پاڪستان حڪومت، پاڪستان ساورن ويلٿ فنڊ جي قيام کانپوءِ ان جي فعاليت لاءِ اي ??ينڊ ايم سان مشاورتي خدمتن جي فراهميءَ جو معاهدو ڪيو هو. ملاقات ۾ رضا باقر ۽ سندس ٽيم پنهنجي حڪمت عملي ۽ مستقبل جي لائحه عمل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اها حڪمت عملي پاڪستان ساورن ويلٿ فنڊ ايڪٽ 2023ع تحت ڏنل ذميوارين مطابق ترتي?? ڏني وئي آهي. فنڊ جي قيام جو مقصد ملڪ جي مالي است??ڪا?? کي بهتر بنائڻ ۽ سيڙپڪاريءَ جي موقعن کي هٿي ڏيڻ آهي. ناڻي واري وزير اي ??ينڊ ايم جي خدمتن ۽ رضا باقر جي مهارت کي ساراهيو ۽ ان اميد جو ا??ها?? ڪيو ته سندس مشاورت پاڪستان کي درپيش معاشي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪندي.