اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان عا??مي ڪانفرنس 25 سيپٽمبر تي وفاقي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۾ ٿيندي. رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن وارو وفاقي وزير احسن اقبال خاص مهمان هوندو، جڏهن ته ملڪي ۽ پرڏيهي ماهر خطاب ڪندا. تفصيل موجب ٿنڪ ٽينڪ پا??ستان انسٽيٽيوٽ فار ڪانفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽيڊيز (پڪس) بحريه يونيورسٽي جي گڏيل طور تي دهشتگردي جي خاتمي جي موضوع تي بحريه يونيورسٽي ۾ هڪ ڏينهن واري عا??مي ڪانفرنس جو بندوبست ڪري رهيو آهي. ان ڪانفرنس جو مقصد دهشتگرد جي خاتمي جي حوالي سان پا??ستان هاڻي تائين ڪاميابين ۽ درپيش مسئلن تي بحث ڪندي عمل جوڳيون پاليسيون تجوي?? ڪرڻ آهي. ڪانفرنس جو افتتاح وفاقي وزير احسن اقبال ڪندو. جڏهن ته پا??ستاني ۽ پرڏيهي نمائندا مقالا پيش ڪندا.