اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سريلنڪا جي نئين چونڊيل صدر انورا ڪمارا ڊيشانائيڪي کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي دلي مبارڪون ڏنيون آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب پنهنجي مبارڪن واري پيغ??م ۾ صدر مملڪت چيو ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ س??شلسٽ ري??بلڪ آف سريلنڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ڇاڪاڻ ته ٻئي ملڪ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ بهترين تعاون ڪندا آيا آهن. صدر اميد ظاهر ڪئي ته صدر انورا ڪمارا ڊيشانائيڪي جي قيادت ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. صدر آصف علي زرداري سريلنڪا جي قيادت ۽ عوام ل??ءِ بهترين صحت ۽ مسلسل خوشحالي لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.