اسلام ??باد -21 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چي?? آهي، ته اسان سڀني کي ع??لم?? دنيا وچ ۾ امن، رواداري ۽ گڏيل بقا جي ڪلچر کي هٿي وٺائڻ گهرجي، ع??لم?? قانون ۽ انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي ع??لم?? امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطر?? آهي. اسان کي ناانصافي ۽ ظلم خلاف آواز بلند ڪرڻ جي ضرورت آهي، دنيا ۾ امن کان سواءِ ترقي ۽ خوشحالي حاصل نٿي ڪري سگهجي. دنيا ۾ ترجيح تڪرارن بدران انسانيت کي درپيش مسئلن جو حل هئڻ گهرجي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان ۾ صدر مملڪت امن جي ع??لم?? ڏينهن جي موقعي تي دنيا وچ ۾ امن جي اصولن سان پنهنجي وابستگي جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته هلندڙ سال امن جي ع??لم?? ڏينهن جو موضوع ”امن جي ڪلچر کي هٿي وٺائڻ“ آهي. اسان سڀني کي سڄي دنيا وچ ۾ امن، رواداري ۽ بقا واري گڏيل ڪلچر کي هٿي وٺائڻ گهرجي. اڄ دنيا جي مختلف علائقن ۾ جاگرافيائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ سميت ٻيا تڪرار درپيش آهن. صدر مملڪت چيو ته تڪرار ع??لم?? طور تي امن لاءِ خطر?? آه??. ا??رائيل فلسطين ۾ دهشتگردي جي بازار گرم رکي آهي.اسرائيل هزارين ماڻهن جي غزه ۾ قتل عام ??ان فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهي?? آهي، صدر مملڪت چيو ته هندو پرست کان متاثر مودي حڪومت غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ سنگين انساني حقن جي خلاف ورزي ڪري رهي آهي، مودي حڪومت ڀارت ۾ مسلمانن ۽ ٻين اقليتن کي ظلم ۽ ستم جو نشانو بڻاي?? آهي. ڀارت مسلمانن کي انهن جي بنيادي حقن کان محروم رکي?? آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته ع??لم?? قانون ۽ انساني حقن جون کُليل خلاف ورزيون دنيا ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطر?? آهن، اسان کي ناانصافي ۽ ظلم خلاف آواز بلند ڪرڻ جي ضرورت آهي، دنيا کي تڪرارن کي ترجيح ڏيڻ بدران انسانيت کي درپيش مسئلن کي حل کي ڏيڻ گهرجي. غربت، بک، ناانصافي، ظلم، اڻبرابري ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي حل تي ڌيان ڏيڻو پوندو. دنيا ۾ امن کان سواءِ ترقي ۽ خوشحالي حاصل نٿي ڪري سگهجي. صدر مملڪت چيو ته اچو ته امن، رواداري ۽ انساني وقار جي احترام کي هٿي وٺائڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو??. ا??ان سڀ گڏجي هڪ پرامن مستقبل ۽ بهتر دنيا جوڙي سگهون ٿا ۽ هڪ اهڙي دنيا قائم ڪري سگهون ٿا ته جتي اسان جا ايندڙ نسل امن ۽ هم آهنگي سان رهي سگهن.