اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عسڪري سطح تي مٽاسٽا تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ??اڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چين جي پيپلز لبريشن آرمي (پي ايل اي) جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر جنرل لي چيائو منگ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان اچڻ تي جنرل ل?? جي آجيان ڪئي. جنرل لي سا?? ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ??اڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ اعتماد جوڳا دوست آهن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ??نهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي پاڪستان ۾ وسيع عوامي، سياسي ۽ اداراجاتي حمايت حاصل آه?? جيڪا ٻنهي ملڪن جي ترق?? جي لاءِ ضروري آهي. وزيراعظم عسڪري سطح تي مٽاسٽا تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ??اڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهن. جنرل لي وزيراعظم سا?? ڳالهائيندي چيو ته چين مضبوط ڀاءُ، اسٽريٽجڪ پارٽنر ۽ قابل اعتماد دوست جي حيثيت سان پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي سڀ کان وڌيڪ ترجيح ڏي ٿو. هن چين ۽ پاڪستان جي ٻطرفي دوست کي تعاون ۽ حصيدار?? جي نئين سطحن تائين وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. علائقائي امن ۽ استحڪام ??ي فروغ ڏيڻ ۽ دهشتگرد?? جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڪردار کي ساراهيندي جنرل لي ٻنهي هٿياربند فوج جي صلاحيتن کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان سان پنهنجي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پيپلز لبريشن آرم?? جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين پاڪ چين دوست جي مختلف رخن خاص طور تي ٻطرفي دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.