اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ايران ۾ پاڪستاني زائرين جي بس جي افسوسناڪ حادثي تي دلي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر حادثي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي افسو?? جو اظهار ڪندي شهيد ٿيندڙن جي مغفرت ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. صدر پرڏيهي وزارت کي ميتن کي پاڪستان آڻڻ ۽ زخمين جي وقت ??ر امداد پهچائڻ جي ??دا??ت به ڪئي.