اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري چيو آهي، ته اڄ کان بلڪل پنج سال پهرين 5 آگسٽ 2019ع تي ڀ??رت غيرقانوني طور والاريل ڄمون ڪشمير جي سياسي ۽ آئيني صورتحال کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڀارتي آئين جي آرٽيڪ?? 370 ۽ 35 (اي) کي رد ڪري ڏيو، ڀارت ڊگهي عرصي کان والاريل ڄمون ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي جاري رکي آهي، 5 آگسٽ 2019ع کان پوءِ ڀارت والاريل ڪشمير جي معصوم عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڀارت والاريل ڪشمير جي غيرقانوني طور جابراڻو ۽ غاصبانو قبضو ڪرڻ چاهي ٿ??. انهن سمورن ڀارتي ظلمن باوجود ڪش??ير?? عوام بغير ڪنهن هٿيار جي ڀ??رتي دهشتگردي ۽ ڏاڍ جو دليري سان مقابلو ڪري رهيو آهي. جاري بيان ۾ هن چيو ته والاريل ڪشمير جي عوام پنهنجي پرامن آزادي واري تحريڪ کي جاري رکيو آهي، ڀارت غيرقانوني طور والاريل ڄمون ڪشمير کي پنهنجو حصو بڻائڻ چاهي ٿ?? پر ڪش??ير?? عوام ڀارت جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي. ڪش??ير?? عوام ڪشمير مسئلي جي حل ۽ پنهنجي مستقبل جو تعين گڏيل قومن جي ٺهرائن جي روشني مطابق ڪرڻ چاهي ٿ??، جنهن ۾ واضح طور ڪش??ير??ن جي خوداراديت واري حق کي تسليم ڪيو ويو ۽ ڪشمير جو فيصلو ڪش??ير??ن جي مرضي مطابق ٿيندو پر ٻئي پاسي ڀ??رت پوري دنيا ۾ پنهنجو پاڻ کي سيڪولر اسٽيٽ ۽ دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت هئڻ جو دعويدار آهي، ڀارت والاريل ڄمون ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ۽ ڀارت اندر به اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪرڻ سبب بي نقاب ٿي چڪو آهي ڇو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۽ ڀارت اندر به اقليتن جو قتل عام ڪري رهيو آهي. آزاد ڄمون ڪشمير رياست جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جو ڏينهن ڪش??ير??ن لاءِ هڪ ڪارو ڏينهن آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان سڀئي گڏجي هندستان پاران رياستي دهشتگردي کي سڄي دنيا سامهون بي نقاب ڪيون. جيئن ڪينيڊا ۾ جي وزيراعظم ڀارت جي دهشتگردي کي بي نقاب ڪيو آهي، جڏهن ته آمريڪا ۽ ٻي دنيا به ڀارت کي بي نقاب ڪري رهي آهي. انهي لاءِ اسان جو اهو اولين فرض آهي ته اسان سڀ گڏجي ڪش??ير?? عوام لاءِ آواز بلند ڪيون. آزاد ڪشمير رياست جي صدر چيو ته اسان جي هيءَ جدوجهد والاريل ڪشمير تي ڀ??رت جي غاصباڻي ۽ جابراڻي قبضي مان آزادي تائين جاري ۽ ساري رهندي.