لاهور -28 جولاءِ (اي پي پي) ??اڪ??تان علماء ڪائونسل جي ??يئ??مين حافظ طاهر محمود اشرفي چيو آهي، ته 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪشمير ملهايو ويندو، دين ۽ وطن جي حرمت تي ڪو به س??جهوتو نه ٿو ٿي سگهي، مدرسن جي بجلي جي بلن ۾ رعايت ڏيڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن جامع منظور اسلاميه ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. طاهر محمود اشرفي چيو ته 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪشمير ملهايو ويندو ۽ پوري ملڪ اندر استحڪام ??اڪ??تان جي عنوان سان ڪانفرنسون منعقد ڪيون وينديون، سڄي ملڪ جي مسجدن ۽ مدرسن ۾ پهرين کان 30 آگسٽ تائين قومي جهنڊا ڦڙڪايا ويندا. هن چيو ته اسان جو دين، اسان جو وطن ۽ اسان جي ريڊ لائين آهي، ان جي حرمت تي ڪو به س??جهوتو نه ٿو ٿي سگهي. استحڪام ??اڪ??تان جي عنوان سان سيمينارز ، ڪنيونشنز منعقد ٿيندا. 4 آگسٽ تي گجرانوالا ۽ 11 آگسٽ تي لاهور ۾ ڪانفرنسون ٿينديون، اهڙي ريت ٻين شهرن ۾ به استحڪام ??اڪ??تان جي حوالي سان تقريبون منعقد ڪيون وينديون. حافظ طاهر محمود چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ غيرقانوني قدم کنيا ۽ ڀارت ڪشميرين جو استحصال ڪندي عالمي قانونن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙيو ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي ڪئ?? ۽ ڪشمير جي حقن تي غاصباڻو قبضو ڪيو، ان کي قانوني رستو ڏيڻ جي ڪوشش عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي. ان ڪري 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪشمير سڄي دنيا ۾ ملهايو ويندو، هن چيو ته مسلم امت جا ٻه اهم مسئلا ڪشمير ۽ فلسطين آهن، فلسطين ۽ ڪشمير ۾ رت وهي رهيو آهي، پر ڪشمير دنيا جي هڪ اهڙي جيل آهي جنهن جو آواز ئي نه پيو اچي. هن چيو ته ??اڪ??تان الله تعاليٰ جي هڪ وڏي نعمت آهي، ته اسان هڪ آزاد ۽ خودمختيار وطن جا رهواسي ڪشميرين ۽ فلسطينين جي حقن جي ??ار?? ۾ ڳالهائي رهيا آهيون، پر افسوس ان ڳالهه تي آهي ته هندستان ۾ رهندڙ مسلمان پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي مدد نه ڪري رهيا آهن. ڏاڍ جي حڪومت دنيا آڏو آهي، هن چيو ته ??اڪ??تان مضبوط قوم ۽ فوج هئڻ سبب غير ملڪي سازشن جو مقابلو ڪري رهيو آهي، فوج رياست جي حيثيت سان ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي.