اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد کان ڪوئيٽا روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جي گورنر ۽ وڏي وزير کانسواءِ ??لوچستان ڪابينا جي ميمبرن سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم بلوچستان جي آبادگارن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ وف??قي ۽ بلوچستان حڪومت پاران هڪ وڏي پئڪيج جو اعلان پڻ ڪندو. ان موقعي تي وزيراعظ?? ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندو. وزيراعظم بلوچستان سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن سان پڻ ملاقات ڪندو.