اسلام آباد – 05 – جولائي (ا?? پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن نائب وزيراعظم کي پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي خطري کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن بابت ٻڌايو ۽ هن سال باڪو ۾ ٿيندڙ ??وپ 29 جي لاءِ پرڏيهي وزارت کان تعاون طلب ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ??وپ 29 جي عمل دوران موسمياتي تبديلي جي وزارت جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو.