اسلام آباد-05 جولاءِ(اي پي پي) مشهور براڊ ڪاسٽر،ليکڪ ۽ هدايت ڪار آغا ناصر جي ورسي 12 جولاءِ تي ملهائي ويندي،09 فيبروري 1937 ۾ ميرٺ جي فريد نگر واري علائقي ۾ پيدا ٿيل هدايتڪار آغا ناصر ب?? اي جو امتحان سنڌ مسلم ڪاليج مان پاس ڪيو ۽ تاريخ ۾ ايم اي جي ڊگري ڪراچي يونيورسٽي مان حاصل ڪئي، هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1955 ۾ ريڊيو پا??ست??ن ۾ براڊ ڪاسٽر جي حيثيت سان ڪئي ۽ بعد ۾ اداري جو ڊائريڪٽر جنرل پڻ ره??و. 1954 ۾ پي ٽي وي سان لاڳاپيل رهيو جتي هن هدايتڪار ۽ پروڊيوسر طور ڪم ڪيو،جڏهن ته آغا ناصر ڪجهه عرصي لاءِ پا??ست??ن ٽيليويزن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر طور پڻ خدمتون سر انجام ڏنيون.هن فلمن جي پڻ هدايتڪاري ڪئي،آغا ناصر هڪ بهترين ليکڪ پڻ هو،هن ڇهه ڪتاب پڻ لکيا ۽ سندس لکي?? ڪتابن کي تمام گهڻي پذيرائي ملي،آغا ناصر ريڊيو پا??ست??ن ۾ اسٽوڊيو نمبر 9 ۽ حامد ميان ڪي يهان جڏهن ته پي ٽي وي ۾ الف نون ،تعليم بالغان جهڙا شاهڪار ڊراما پڻ لکيا،سندس ڪريئر ۾ 1970 جون عام چونڊون سڌي ريت نشر ٿيڻ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿيون،مرحوم کي سندسن خدمتن جي مڃتا طور پرائيڊ آف پرفارمنس پڻ ڏنو ويو.آغا ناصر 12 جولاءِ 2016 ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس ورسي جي موقعي تي علمي ۽ ادبي حلقن ۽ شو بز انڊسٽري جي انتظام هيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪ??ون وينديون جن ۾ هن کي فن جي دنيا لاءِ ڪيل خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو.