بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ سي پيڪ جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت پائيدار ترقي، خصوصي اقتصادي زونز، صنعتن، آءِ ٽي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، زراعت ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي ترجيح ڏني ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين زائو ليجي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم چيئرمين زائو ليجي کي چيني سياست ۽ معاشري جي لاءِ سندس خدمتن تي زبردست خراج تحسين ??يش ڪيو ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس جي سالي??ني اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي کيس مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا (سي پي سي) ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس (اين ??ي سي) ۾ هڪ اهم عهدي زائو ليجي تي چيني قيادت ۽ عوام پاران مٿس ڪيل اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته چين سان مضبوط لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنياد آهي. هن چيو ته ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ منفرد ۽ خصوصي لاڳاپا اسٽريٽجڪ اعتماد، گ??يل نظرين ۽ عملي تعاون تي ٻڌل آهن. پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ چين ??اڪستان اقتصادي لنگهه جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي وزيراعظم چيو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت پائيدار ترقي، خصوصي اقتصادي زونز، صنعتن، آءِ ٽي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، زراعت ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي ترجيح ڏني ويندي. چيئرمين زائو ليجي چيو ته صدر شي جن پنگ جي رهنمائي تحت چين ??اڪستان سان پائيدار حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ٻن??ي ڌرين ??ڪ ٻئي جي بنيادي مفادن جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ۾ مثبت رفتار جو ذڪر ڪيو ۽ ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ گهري دوستي کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ان رفتار کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻن??ي اڳواڻن نيشنل پيپلز ڪانگريس ۽ پاڪستان جي پارليامينٽ جي وچ ۾ رابطن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم پارليام??ني مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم تجويز ڪيا جن ۾ چين ??اڪستان فرينڊشپ گروپس جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ ۽ نوجوان پارليامينٽرينز جي وفدن جي مٽاسٽا شامل آهي. هن سي پيڪ تحت سياسي پارٽين جي گ??يل مشاورتي طريقيڪار جو اڳيون دور منقعد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. چيئرمين زائو ليجي وزيراعظم کي 26 – 2025ع جي مدي لاءِ گ??يل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي طور تي چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. ٻن??ي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته ان سان ٻن??ي ملڪن کي امن ۽ آشتي تي گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ ان حوالي سان قانون ۽ گهڻ رخي کي فروغ ڏيڻ جو موقعو ملندو.