اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري تربت ۾ نيول بيس تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي کي سا??اهيندي ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته حملي کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي وقت ۽ موثر جوابي ڪارروائي سا??اهه جوڳي آهي. صدر ڪليئرنس آپريشن جي ذريعي دهشتگردن جو صفايو ڪندڙ جوانن جي بهادري کي پڻ سا??اهيو. صدر آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ سپاه?? نعمان فريد ??ي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي، گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.