ڪراچي-08 فيبروري (اي پي پي)ڪراچي ۾ عام چونڊن 2024ع لاءِ پولنگ پرامن انداز ۾ جاري رهي، جتي 90 لک کان وڌيڪ ووٽرز 22 قومي ۽ 47 صوبائي تڪن تي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري نمائندن جي چونڊ ڪندا. پولنگ اليڪشن ڪميشن جي مقرر ڪيل وقت صبح 8 وڳي کان شروع ٿي ۽ شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهي. چونڊن جي پولنگ لاءِ سياسي پارٽين طرفان ووٽرن کي سندن ووٽ با??ت آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ لڳايل ڪيمپن تي وقت گ??رڻ سان گڏوگڏ ووٽرز جو انگ وڌندو پيو وڃي، ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي 22 ۽ سنڌ اسيمبلي جي 47 سيٽن لاءِ 1995 اميدوار ميدان ۾ آهن، ڪراچي جي پولنگ اسٽيشنن جي قيام لاءِ 2779 عمارتون حاصل ڪيون ويون آهن، انهن عما??تن ۾ مجموعي ??ور تي 5342 پولنگ اسٽيشن ٺاهيون ويون، 3038پولنگ اسٽيشنون انتهائي حسا?? قرار ڏنيون ويون آهن. ڪرچي ۾ صرف 128 پولنگ اسٽيشنون نارمل آهن.