لاهور_07 فيبروي(اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر پنجاب صو??ي ۾ پڻ عام چونڊن 2024ع اڄ 08 فيبروري تي ٿينديون جن کي پرامن ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. اليڪشن ڪميشن جي انگن اکرن موجب پنجاب ۾ 7 ڪروڙ 42 لک 90 هزار کان وڌيڪ جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ 12 ڪروڙ 85 لک کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي ووٽ جي حق جو استعمال ڪندا. آزاداڻين ۽ منصفاڻين چونڊن لاءِ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪندي پولنگ بوٿ تي اليڪشن سان لاڳاپيل سامان پهچايو ويو آهي. پنجاب جي چيف اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهان موجب صو??ي ۾ چونڊن جي حوالي سان سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون،شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ لاءِ ريٽرنگ ۽ پريذائيڊنگ آفيسرن کي مجسٽريٽ اول جا اختيار ڏنا ويا آهن. هن ٻڌايو ته چونڊن دوران پولنگ عمل جي نگراني لاءِ مانيٽرنگ ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي فوج مقرر ڪئي وئي آهي، پنجاب ۾ 144 قومي ۽ 297 صو??ائي تڪن ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ ٿيندي، قومي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ 50 هزار 900 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويا آهن، صو??ي ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو ت??دا?? 7 ڪروڙ 42 لک 924 آهي جنهن ۾ مردن جو ت??دا?? 3 ڪروڙ 96 لک 487 آهي جڏهن ته عورتن جو ت??دا?? 3ڪروڙ 46 لک 37 آ??ي،پولنگ اسٽيشنن جو ڪل ت??دا?? 50900 آهي جن ۾ مردن لاءِ پولنگ اسٽيشن جو ت??دا?? 14573 ۽ عورتن لاءِ 14059 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويا آهن، اهڙي ريت گڏيل طور تي پولنگ بوٿس جو ت??دا?? 149390 آهي جن ۾ 7901 مردن ۽ 70 هزار 77 عورتن جا پولنگ بوٿس شامل آهن.پنجاب ۾ ڪل آفيسرن جو انگ 2607 آهي جن ۾ 42 ڊسٽرڪٽ ريٽرنگ آفيسر ۽ 144 ريٽرنگ آفيسر، 882 اسسٽنٽ ريٽرنگ آفيسر شامل آهن. ڊسٽرڪت مانيٽرنگ آفيسرن جو ت??دا?? 42 ۽ مانيٽرنگ آفيسرن جو ت??دا?? 1200 آهي، اهڙي ريت سڄي صو??ي ۾ پولنگ عملي جو ت??دا?? 524070 آهي جن ۾ پريذائيڊنگ آفيسر 53491 آهن جڏهن ته اسٽنٽ پريذائيڊنگ آفيسرن جو ت??دا?? 313719 ۽ پولنگ آفيسرن جو ت??دا?? 156860 آهي، عملدارن موجب پولنگ اسٽيشنز تي امن امان جي صو??تحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پريذائيڊنگ آفيسرن کي مجسٽريٽ اول جا اختيار ڏنا ويا آهن.