اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ا??غا?? ٽرانزٽ ٽريڊ جي ٽر??ڪن?? جي نظام کي فول پروف بڻائڻ ۽ انٽيگريٽڊ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم جي لاءِ فوري حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن جو وڏو سبب اسمگلنگ آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ ا??غا?? ٽرانزٽ ٽريڊ ۽ اسمگلنگ جي خاتمي جي حوالي سا?? هڪ اهم جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ نگران وزيراعظم کي لاڳاپيل عملدارن پاران اسمگلنگ جي خاتمي جي حوالي سا?? قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سا?? ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن جو هڪ وڏو سبب اسمگلنگ ۽ شين جي غيرقانوني چرپر آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ا??غا?? ٽرانزٽ ٽريڊ جي حوالي سا?? ٽر??ڪن?? جي نظام کي بهتر ۽ فول پروف بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن. هن انٽيگريٽڊ ٽرانزٽ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم قائم ڪرڻ جي حوالي سا?? فوري طور تي حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم حڪم ڏنو ته جيڪو به اهلڪار اسمگلنگ ۾ ملوث ڏٺو وڃي ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ قرار واقعي سزا ڏني وڃي ۽ ڪسٽمز جي حساس پوسٽ تي ??نهن به آفيسر جي مقرري کان اڳ انٽيليجنس ڪليئرنس ورتي وڃي. هن اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سا?? ڪوتاهي ڪرڻ تي ??يف سيڪريٽري بلوچستان کي چاغي ضلعي جي سموري انتظامي مشينري تبديل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته چمن، طورخم، غلام خان چيڪ پوسٽن سميت بلوچستان جي سرحدي علائقن تي نگراني جو عمل سخت ڪيو وڃي، ڪارگو جي چ??ڪن?? ۾ بهتري آندي وڃي ۽ چمن بارڊر تي ??سٽمز جو عملو وڌايو وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي ماڻهن کي ڪاروبار ۽ روزگار جي فراهمي جي حوالي سا?? ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ ا??غا?? ٽرانزٽ ٽريڊ جي جاچ ڪندڙ انڪوائري ڪميٽي پاران جاچ تي جاري اڳڀرائي تي نگران وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم ڪميٽي کي پوري ايمانداري سا?? پنهنجون سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي ۽ ڪميٽي جي هيستائين جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومتي قدمن سا?? ايران مان پيٽروليم مصنوعات جي اسمگلنگ ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي آهي ۽ تفتان کان ڪوئيٽا تائين ڪارگو جي ٽر??ڪن?? جو نظام شروع ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، واپار واري نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي اعليٰ آفيسرن ۽ حساس ادارن جي نمائندن ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.