لاهور – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته جلد سڃاڻپ جي ذريعي ڇاتيءَ جي ڪينسر مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ??و، ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت مع??شر?? ۾ جيتري آگاهي ڦهلائينداسين ايترو ئي عورتن کي ان خطرناڪ بيماري کان بچائي سگهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر کان بچاءُ جي آگاهي سيمينار کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار جو ا??عق??د يونيورسٽي آف لاهور ۽ صحت جي عالمي اداري جي حصيداري سان ڪيو ويو. سيمينار ۾ پنجاب جي گورنر جي گهرواريءَ عائشه بليغ الرحمان، پنجاب جي صحت واري وزير پروفيسر ڊاڪٽر جاويد اڪرم، پرنسپل اميرالدين ميڊيڪل ڪاليج پروفيسر ڊاڪٽر سردار ظفر الفريد، پرنسپل ڪانٽينينٽل ڪاليج پروفيسر ڊاڪٽر عائشه شوڪت، پرنسپل فاطمه جناح ميڊيڪل ڪاليج پروفيسر ڊاڪٽر نورين اڪمل، ايم ايس پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي ڊاڪٽر محسن علي شاهه، ڊاڪٽر زاهد پرويز، ڊاڪٽر شهلا جاويد اڪرم، صحت جي عالمي اداري مان ڊاڪٽر مريم ملڪ سميت عورتن ۽ مردن جي ??ڏي انگ شرڪت ڪئي. خاتون اول ثمينه عارف علوي انتهائي اهم موضوع تي آگاهي سيمينار م??عق?? ڪرڻ تي يونيورسٽي آف لاهور ۽ صحت جي عالمي اداري جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ هر 9 عورت?? مان هڪ عورت ڇاتيءَ جي ڪينسر جو شڪار آهي، جلد سڃاڻپ ذريعي ان بيماري تي ضابطو آڻي سگهجي ??و، اسان جي تعليمي ادارن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي سيمينارز م??عق?? ٿيڻ گهرجن. هتي ويٺل هر شخص جي ??نهنجي ڀرپاسي رهندڙن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي ڦهلائڻ ذميواري آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ عورتن جي ??وت ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر تمام وڏو سبب آهي، ٻار جي صحت جي ??اءِ هر ماءُ کي پيدائش کانپوءِ ٻن سالن تائين پنهنجو کير پيارڻ گهرجي، ٻار کي کير پياريندڙ ماءُ کي ڪڏهن ڇاتيءَ جي ڪينسر نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته 40 سيڪڙو عورتون هر سال ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي نه هجڻ جي ڪري موت جي ??نهن ۾ هلي وڃن ٿيون جڏهن ته دنيا جي ??ين ملڪن ۾ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتون ان بيماري مان صحتياب ٿي رهيون آهن، اسان کي ان بابت سنجيدگي سان سوچڻ جي ضرورت آهي. خاتون اول چيو ته دير سان سڃاڻپ ٿيڻ سان بچڻ جا چانسز گهٽ ٿي وڃن ٿا ان جي ??اءِ ضروري آهي ته عورتون هر مهيني باقاعدگي سان پنهنجو معائنو پاڻ ڪن، جيڪڏهن اهي پنهنجي جسم ۾ ڪا تبديلي محسوس ڪن ته فوري طور تي ڊاڪٽر سان رجوع ڪن، پنهنجي ڪٽنب کي اعتماد ۾ وٺن، ان ۾ شرم جي ڪا ڳالهه نه آهي. هن چيو ته عورتون شروعاتي علامتون ظاهر ٿيڻ جي باوجود ان کي لڪائي رکن ٿيون، تعليم جي کوٽ ۽ معاشرتي دٻاءُ جي ڪري اهي ان بيماري جو ڪنهن سان ذڪر نه ٿيون ڪن، تڪليف برداشت ڪري وٺن ٿيون ۽ پوءِ موت جي ??نهن ۾ هلي وڃن ٿيون. هن 40 سال کان وڌيڪ عمر جي عورتن کي مشورو ڏنو ته اهي پنهنجي ??يموگرافي ضرور ڪرائين، ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ بيمار ٿيڻ سان گهر جا سمورا ماڻهو متاثر ٿين ٿا، ان لاءِ علاج ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪن، سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي علاج جون سهولتون ميسر آهن، عورتون علاج ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪن، هن ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم هلائڻ تي ميڊيا، چيمبرز ۽ اين جي اوز جا ٿورا مڃيا جن جي ڪوششن سان بريسٽ ڪينسر ۾ مبتلا عورتون شروعاتي اسٽيج تي ئي طبي مرڪزن جو رخ ڪري رهيون آهن. سيل فون جي ذريعي ڪروڙين عورتن تائين پيغام پهچايا پيا وڃن جنهن جي ڪري ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم ڪاميابي سان هلي رهي آهي. خاتون اول وڌيڪ چيو ته مع??شر?? ۾ معذور ماڻهو به اسان جي خصوصي ڌيان جا مستحق آهن اسان کي انهن بابت به سوچڻ گهرجي، ذهني مرضن جي حوالي سان خاتون اول چيو ته هر گهر ۾ اسٽريس آهي فزيڪل هيلٿ سان گڏ مينٽل هيلٿ به ضروري آهي ملڪ ۾ ذهني مرضن ۾ مبتلا ماڻهن کي ان بيماري کان بچاءُ جي ??اءِ آگاهي سيشنز ڪرايا وڃن ۽ ان سلسلي ۾ غيرملڪي طبي ماهرن جي ??يشيواراڻي مهارت مان پڻ فائدو حاصل ڪري سگهجي ??و. سيمينار کي پنجاب جي گورنر جي گهرواريءَ عائشه بليغ الرحمان، پنجاب جي صحت واري وزير پروفيسر ڊاڪٽر جاويد اڪرم ۽ ٻين ڊاڪٽرز پڻ خطاب ڪيو.