دبئي – 30 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي فوري طور تي فعال بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته موسمياتي تب??يلي بابت امير ۽ ترقي يافته ملڪن کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، گڏيل عرب امارات، سعودي عرب ۽ نار ۽ اولهه ملڪ موسمياتي تب??يلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ۾ متبادل توانائي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوپ – 28 جي موقعي تي هڪ آمريڪي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تب??يلين جو ذميوار نه آهي ??ر موسمياتي تب??يلي جي ڪري پاڪستان ۾ تب??هي آڻيندڙ ٻوڏ سان سنڌ ۽ بلوچستان متاثر ٿيا. هن چيو ته اسان سڀني کي اهو يقين ڏيارڻ ۾ ڪامياب رهياسين ته لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي ترقياتي فنڊز ۽ وڏي مالياتي ادارن جي قرضن کان جدا هجڻ گهرجي ۽ اهو سرمايو ميرٽ تي ۽ اضافي هجڻ گهرجي ۽ اها حصيداري حقيقي معنيٰ ۾ هجڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته سڀني کي خبر آهي ته گذريل صديءَ دوران ماحولياتي تب??يلي جي اثرن جو ذميوار ڪير آهي، ملڪن ۽ معيشتن ت?? فيصلا مڙهڻ بدران ايماندار مباحثو اهم آهي، امير ملڪن کي پاڻ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته لاس اينڊ ڊيميج فنڊ بابت گڏيل قومن جي فريم ورڪ تي وڌيڪ عرصو لڳي ??گهي ٿو جڏهن ته وڏي عالمي مالياتي ادارن جي ذريعي ان کي فعال بڻائي سگهجي ٿو، اسان ڪوئلي تي هلندڙ منصوبن کي قابل تجديد توانائي جي منصوبن ۾ تب??يل ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙي آهي، ماحولياتي تب??يلي جي حوالي سان اهڙن مخصوص منصوبن تي سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، نار ملڪ گڏيل عرب امارات، سعودي عرب، ڪويت سميت اولهه ملڪ ان ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا، اهو اسان جي ۽ انهن جي لاءِ بهترين موقعو آهي.