اسلام آب??د – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته اسلام آب??د سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ گاڏين جي رجسٽريشن جي لاءِ مرڪزي ڊيجيٽل نظام جو قيام عمل ۾ آندو وڃي، وفاقي گادي واري شهر ۾ گاڏين جي نمائش، نيلامي ۽ خريد ۽ وڪري جي لاءِ مناسب جڳهه تي هڪ ڪار سٽي جو جامع منصوبو ٺاهيو وڃي، مارگلا نيشنل پارڪ سميت ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ ا??ار??ي جي زمينن تي غيرقانوني قبضن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي آپريشن ڪيو وڃي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ اسلام آب??د جي انتظامي معاملن، امن امان جي صورتحال ۽ منشيات جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وز??را??ظم کي اسلام آب??د ۾ سرڪاري ملڪيتي زمينن تي غيرقانوني قبضن، ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ ا??ار??ي جي سرپرستي هيٺ ترقياتي منصوبن، اسلام آب??د ڪيپيٽل ٽيريٽري پوليس جي ڪارڪردگي ۽ ٻين معاملن جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. نگران وز??را??ظم هدايت ڪئي ته اسلام آب??د ۾ گاڏين جي خريد ۽ وڪري جي لاءِ شهر جي مخلف حصن ۾ قائم شو رومز جي ڪري پارڪنگ ۽ ٽريفڪ جي لاءِ پ??دا ڪيل مسئلن جو فوري خاتمو ڪيو وڃي. اسلام آب??د ۾ گاڏين جي نمائش، نيلامي ۽ خريد ۽ وڪري جي لاءِ مناسب جڳهه تي هڪ ڪار سٽي جو جامع منصوبو ٺاهيو وڃي، اسلام آب??د ۾ ٽريفڪ جي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آب??د ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نظام جي لاءِ وڌيڪ 160 نيون بسون اچڻ واريون آهن جنهن سان پبلڪ ٽرانسپورٽ جو نظام وڌيڪ موثر ٿي ويندو. نگران وز??را??ظم هدايت ڪئي ته اسلام آب??د سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ گاڏين جي رجسٽريشن جي لاءِ مرڪزي ڊيجيٽل نظام جو قيام عمل ۾ آندو وڃي، پراڻي گاڏين جي عالمي سطح تي لاڳو ماحولياتي آلودگي جي معيار تي فٽنس سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو وڃي، سڄي ملڪ ۾ ??را??يونگ لائيسنس جاري ڪرڻ جي نظام کي شفاف ۽ موثر بڻايو وڃي. اجلاس ۾ نگران وز??را??ظم کي مارگلا نيشنل پارڪ جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. نگران وز??را??ظم هدايت ڪئي ته مارگلا نيشنل پارڪ سميت ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ ا??ار??ي جي زمينن تي غيرقانوني قبضن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي آپريشن ڪيووڃي. اجلاس ۾ نگران وز??را??ظم کي اسلام آب??د ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال ڏوهن جي انگ ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي آهي. نگران وز??را??ظم هدايت ڪئي ته اسلام آب??د پوليس شهرين جي ت??فظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته اسلام آب??د ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ سيف سٽي جي ڪئم??را??ن کي استعمال ۾ آڻي اي چالان جي نظام کي مڪمل طور تي لاڳو ڪيو ويو آهي. نگران وز??را??ظم پوليس عملدارن کي ت??ليمي ادارن ۽ انهن جي ڀرپاسي منشيات ۽ نشي آور شين جي وڪري ڪرڻ وارن جي سڃاڻپ ۽ انهن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي. نگران وز??را??ظم لاڳاپيل عملدارن کي اسڪولن جي ت??فظ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي بنيادي ذميواري آهي. نگران وز??را??ظم لاڳاپيل عملدارن کي اسلام آب??د ۾ ڊولفن فورس جي قيام جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ نگران گهرو وزير سميت اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.