اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق چيو آهي ته اڄ جي ڏينهن ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري شهداءِ ڄمون کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪن ٿا، ڄمون جي م??ل??ان?? جي وڏي پئ??ان?? تي نسل ڪشي ۽ انهن تي ڪيل بدترين ظلمن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. شهداءِ ڄمون ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق چيو ته ڄمون ۾ سيپٽمبر کان 6 نومبر 1947ع تائين اٽڪل اڍائي لک مسل??ان?? جو قتل عام ٿيو، 25 هزار کان وڌيڪ عورتن کي ??غو?? ڪيو ويو ۽ لکين ڪشميرين پاڪستان طرف هجرت ڪئي، مسل??ان?? جو اهو قتل عام هڪ جامع ۽ منظن منصوابندي تحت ٿيو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته مسل??ان?? جي قتل عام ۾ پٽيالا فوسز، آر ايس ايس ۽ ٻيا انتهاپسند جٿا ملوث هئا، مسل??ان?? جي اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ جي لاءِ وحشيت جو مظاهرو ڪيو ويو، اڄ انهن پناهگيرن جو نسل هتي زندگي جي هر شعبي ۾ ڀرپور نمائندگي ڪري رهيو آهي، شهيدن جي مقدس مشن جي تڪميل جي لاءِ پنهنجون سموريون صلاحيتون ۽ وسيلا استعمال ۾ آڻينداسين.