اسلام آباد- 02 نومبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز احمد بگٽي پاڪ افغان سرحدي ??را??نگ پوا??نٽ?? تي سهولت لاءِ عورتن ۽ ٻارن کي بايو ميٽرڪ کان ڇوٽ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هو افغان ناظم الامور سردار احمد شڪيب ??ان ملاقات دوران خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ ٻطرفي معاملن ۽ افغان شهرين جي پنهنجي وطن واپسي جي حوالي ??ان ڳالهائيندي ڪئي. گهرو وزير سرفراز احمد بگٽي چيو ته پاڪستان ۾ غير قانوني طور تي ترسيل پرڏيهين جي واپسي جو سلسلو جاري آهي، هدايتون جاري ڪيو?? آهن ته پنهنجي وطن واپس ويندرن ??ان انتهائي عزت ۽ احترام ??ان پيش اچيو وڃي، هن چيو ته پروف آف رجسٽريشن ۽ افغان سٽيزن ڪارڊ رکندڙ ماڻهن خلاف ڪا به ڪارروائي عمل ۾ نه پئي آندي وڃي، ان سلسلي ۾ ڪنهن ڪوتاهي ۽ بدتميزي کي هر گز برداشت نه ڪيو ويندو. گهرو وزارت ۾ ان ڏس ۾ ڪنٽرل سينٽر ۽ هيلپ لائن قائم ڪئي وئي آهي. افغان سفارتخانو هڪ نمائندو مقرر ڪري جيڪو شڪايت جي فوري حل لاءِ ڪنٽرول سينٽر ??ان هر وقت رابطي ۾ رهي، گهرو وزير جو چوڻ هو ته ??را??نگ پوا??نٽ?? تي سهولت لاءِ عورتن ۽ ٻارن کي بايوميٽرڪ کان ڇوٽ حاصل هوندي.