اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بنگلاديش سان معيشت، ثقافت ۽ واپا?? جي شعبن ۾ تعاون وڌائ?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار وڌائڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظ??ار بنگلاديش ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر سيد احمد معروف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته بنگلاديش ۾ نامزد هاءِ ڪمشنر ٻنهي ڀائر ملڪن ??ي وڌيڪ ويجهو آڻ?? جي لاءِ ڪم ڪري. صدر چيو ته معيشت، ثقافت ۽ واپا?? جي شعبن ۾ بنگلاديش سان تعاون وڌائ?? جي ضرورت آهي، ٻئي ملڪ گڏيل مذهب ۽ تاريخ رکندڙ آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي رابطا وڌائ?? جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سيد احمد معروف کي بنگلاديش ۾ بطور پاڪستاني هاءِ ڪمشنر مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نامزد هاءِ ڪمشن?? جي لاءِ پنهنجا فرض ??رانجام ڏيڻ ۾ نيڪ خواهشن جو اظ??ار ڪيو.