اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وز??ر مرتضيٰ سولنگي هنگو ۽ مستونگ ڌماڪن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جشن ولادت رسول ﷺ ۽ جمعي نم??ز کي پنهنجي ڪڌي ڪاررواين جي لاءِ چونڊ ڪري درجنين بيگناهه مسلمانن کي شهيد ڪيو، دهشتگردن جو ڪنهن به مذهب، نظريي ۽ اخلاقيات سان ڪو تعلق نه آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اها حقيقت آهي ته دهشتگردن جشن ولادت رسول ﷺ ۽ جمعي نم??ز کي پنهنجي ڪڌي ڪاررواين جي لاءِ چونڊيو ۽ درجنين بيگناهه مسلمانن کي شهيد ڪري ڇڏيو جنهن مان اها ڳالهه بنا ڪنهن شڪ جي ثابت ٿئي ٿي ته دهشتگردن جو ڪنهن به مذهب، نظريي ۽ اخلاقيات سان ڪو تعلق نه آهي. پاڪستاني رياست انهن خونخوار درندن ??ي پوري قوت ۽ پاڪستان جي عوام جي طاقت سان ڪچي ڇڏيندي.