اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي ايف سڪس ٽو ۾ آءِ سي جي انتظام هيٺ اسٽوڊنٽ پروجيڪٽ ايگزيبيشن بيانڊ دي ڪلاس روم جو دورو ڪيو. مدد علي سنڌي چيو ته آئون پرنسپل ۽ استادن کي مبارڪون ڏيان ٿو، مون کي انتهائي خوشي آه?? ته اسان جي شاگردن جي پريڪٽيڪل ناليج تي به زور ڏنو پيو وڃي. وفاقي وزير حصو وٺندڙ شاگردن لاءِ پنج، پنج هزار روپين جي انعام جو اعلان ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اسان کي ڪوشش ڪرڻ گ??رجي ت?? هر قسم جو دنياوي علم حاصل ڪريون، دنياوي علم هاڻي ڪلاس روم کان گهڻو اڳتي هليو ويو آه?? ۽ اسان کي به هاڻي دنيا جي ڪامياب ترين قومن سان گڏجي هلڻ گ??رجي. هن چيو ته شاگرد اسان جي قوم جو مستقبل آه?? کين هر قسم جون سهولتون ڏيڻ گ??رجن. هن چيو ته استاد شاگردن جي پرورش ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آه??، اسان کي ان ذميواري جو حق هر لحاظ کان پورو ڪرڻ گ??رجي. هن چيو ته اڄ انهن شاگردن جي صلاحيت ڏسي مون کي يقين ٿي ويو آه?? ته اسان جو مستقبل مضبوط هٿن ۾ آه??. وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن اسان جي سمورن اسڪولن ۽ ڪاليجن جو اهڙو معيار هجي ت?? ڪنهن کي به پرائيويٽ اسڪولن ۾ وڃڻ جي ضرورت نه پوندي.