اسلام آباد – 05 – سي??ٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي ترڪ بحريه جي ڪمانڊر ايڊمرل ارجمند تاتيل اوگلو کي نشان امتياز (ملٽري) سان نوازيو آهي. ان حوالي سان خصوصي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. صدر ترڪ بحريه جي ڪمانڊر کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط ب??ائڻ ۾ سندس اڻٿڪ خدمتن جي اعتراف ۾ نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. تقريب جي شروعات قومي تراني ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ترڪ سامونڊي فوج جي اعليٰ آفيسرن ۽ ايوان صدر جي سي??يئر عملدارن شرڪت ڪئي.