اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ??هي ته پيمرا (ترميمي) بل 2023ع جي تياري ۾ سمورين صحافتي تنظيمن سان مشاورت ٿي، اتفاق راءِ سان اهو بل پيش ڪيو پيو وڃي، ان ۾ 12 ترميمون آهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ پيمرا (ترميمي) بل 2023ع تي ڳالهائيندي هن چيو ??ه پهرين ترميم هن بل جي ديباچي ۾ آهي جنهن ۾ پبلڪ سروس پيغام برداشت، انتهاپسندي، منشيات بابت آگاهي تي ڌيان ڏنو ويو ??هي. هن چيو ??ه پي ٽي وي چينل وفاقي حڪومت جي آگاهي مهم بابت رپورٽ ڪائونسل آف ڪ??پلينٽس ڪرائيندو، مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن جي تعريف تي سمورين لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت ڪئي وئي، ڪو فوجداري ڏوهه نه آهي، رڳو ڏنڊ ۾ اضافو ڪيو ويو ??هي، هي هڪ تاريخي بل آهي، جيڪڏهن توهان وٽ دستاويزي ثبوت نه هجي ته ڪن??ن جي خلاف خبر نه ٿي هلائي سگهجي، موقف وٺڻ کانسواءِ خبر هلائڻ تي سزا آهي، اڳ ۾ پيمرا چيئرمين کي چينلز جي نشريات معطل ڪرڻ ۽ لائيسنس رد ڪرڻ جو اختيار هو پر هاڻي اهو اٿارٽي کي ڏنو ويو ??هي، 30 ڏينهن ۾ ڪائونسل آف ڪ??پلينٽس ۾ ??ڪا??ت داخل ڪرائي سگهجي ٿي. هن چيو ??ه چار مر:ن ۾ مواد جو تعين ڪيو وڃي ٿو، پرنٽ ميڊيا ۾ پگهارن جهڙن معاملن جو فيصلو آءِ ٽي اين اي ڪري ٿي، موجوده حڪومت جي دور ۾ آئي اين 8 مهينن ۾ 14 ڪروڙ ريڪور ڪري ملازمن کي ڏنا. هن چيو ??ه اليڪٽرانڪ ميديا جي صحافين وٽ اهڙو ڪو فورم نه هو، اهي صحافي هاڻي ڪائونسل آف ڪ??پلينٽس اٿارٽي ۾ پنهنجي ??ڪا??ت داخل ڪرائي سگهن ٿا، قانونسازي جي ذريعي يقيني بڻايو ويو ??هي ته صحافين کي گهٽ ۾ گهٽ پگهار ۽ انهن جي رهتن جي ادائيگي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ??ه اسان ميديا سينسرشپ کي منهن ڏنو آهي، ڪو اهڙو ڪم نه ٿا ڪري سگهون جنهن سان ميديا سينسرشپ لڳي، پاڪستان اظهار راءِ جي آزادي ۾ درجابندي ۾ 7 پوائنٽس بهتري آئي آهي.