اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ چ??ن جي وچ ۾ ٻطرفو اقتصادي تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني سيڙپڪاري وڌائڻ جي ضر??رت آهي، پاڪستان پنهنجي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي)، ٽرانسپورٽ ۽ ٽيڪسٽائيل جي شعبن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ چ??ن جي تعاون ۽ مدد جو خواهشمند اهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار چ??ن جي صدر شي جن پنگ جي خصوصي نمائندي ۽ چ??ن جي رياستي ڪائونسل جي نائب وزيراعظم هي ل?? فينگ سان ڳالهائيندي ڪيو. چ??ن جي نائب وزيراعظم پنهنجي وفد جي ميمبرن سان گڏ ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي. وفد جي آجيان ڪندي صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان ۽ چ??ن جي وچ ۾ آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ آهي ۽ ٻئي ملڪ سدائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ چ??ن جي وچ ۾ منفرد لاڳاپا آهن ۽ دنيا کي ٻنهي ڀائر ملڪن جي دوستي مان سبق سکڻ گهرجي. هن ان ڳالهه کي ساراهيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا تعاون جي نئين شعبن تائين وڌي رهيا آهن. پاڪ چين اقتصادي ل??گهه جي حوالي سان ڳالهه ڪندي صدر چيو ته سي پيڪ خطي ۾ خوشحالي آڻڻ سان گڏوگڏ پاڪستان جي معاشي منظرنامي کي پڻ بدلائي ڇڏيندو. هن وڌيڪ چيو ته سي پيڪ پاڪستان ۾ بجلي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪافي مدد ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ان جي سمورن بنيادي معاملن تي چ??ن جي ڀرپور حمايت جاري رکندو. صدر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مالي مدد ڪرڻ تي چيني حڪومت جا ٿورا مڃڻ کانسواءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي چ??ن جي اصولي موقف تي ٿورا مڃيا. هن نائب وزيراعظم کي هلال پاڪستان جو اعزاز ملڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪ چين دوستي کي فروغ ڏيڻ ۽ سي پيڪ منصوبن تي ڪاميابي سان عملدرآمد جي لاءِ نگراني تي سندس ڪردار کي ساراهيو. صدر جا ٿورا مڃيندي چيني نائب وزيراعظم مارچ 2020ع ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي چ??ن جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته چ??ن جي عوام اهو دورو ياد رکندي ڇو ته صدر پاڪستان ڪورونا وبا جي خطرن جي باوجود مشڪل وقت ۾ چ??ن جو دورو ڪيو. هن خوشي سان ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته سي پيڪ سان پاڪستان جي سماجي، اقصادي ۽ بنيادي ڍانچي جي منظرنامي ۾ اهم تبديلي آئي آهي ۽ هاڻي اهو پوري خطي ۽ ان کان ٻاهر به پاڪستان جي اقتصادي، واپاري ۽ رابطي ڪاري جي حيثيت کي وڌيڪ وڌائيندو. نائب وزيراعظم صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي چين ۾ غربت جي خاتمي لاءِ چيني حڪومت جي قدمن بابت آگاهه ڪيو. نائب وزيراعظم سندس خدمتن جي اعتراف ۾ هلال پاڪستان عطا ڪرڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا. ان کانسواءِ هن صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي چيني صدر شي جن پنگ پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پڻ پهچايو.