اسلام آباد – 25 – جول??ءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحه سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اها ٽيليفون ڪال سوئيڊن ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي ??ي مسلسل واقعن جي پس منظر ۾ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير توهين آميز ڪاررواين جي مذمت ڪئي جيڪا عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي. هن او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري کي 6 جول??ءِ 2023ع تي پاڪستان جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ منظور ڪيل قرارداد ۽ 7 جول??ءِ 2023ع تي ??ڄي پاڪستان ۾ تقدس قرآن ڏهاڙي ملهائڻ بابت آگاهه ??يو جيڪو تحفظ قرآن جي ل??ءِ پاڪستان جي عوام جي امنگن جي عڪاسي ڪري ٿو. پرڏيهي وزير ان ڳالهه کي ساراهيو ته او آءِ سي جنرل سيڪريٽري جي سرپرستي ۾ ان قابل مذمت ڪاررواين فوري جواب ڏئي رهي آهي. هن 2 جول??ءِ 2023ع تي ??ده ۾ او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ٿيندڙ غيرمعمولي اجلاس ۽ اجلاس کانپوءِ جامع پڌرنامو ??اري ڪرڻ تي ??و آءِ سي کي ساراهيو. پرڏيهي وزير ان معاملي تي هنگامي وزارتي ??جلاس منعقد ڪرڻ جي ل??ءِ او آءِ سي جي فيصلي جي آجيان ڪئي ۽ جنرل سيڪريٽري کي ان سلسلي ۾ ايران، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن سان ٿيندڙ ٽيليفونڪ رابطي بابت آگاهه ڪيو. او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ ۽ روڪڻ جي ل??ءِ پاڪستاني ڪوششن کي ساراهيندي گڏيل قومن ۾ان سلسلي ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار کي ساراهيو. پرڏيهي وزير جنرل سيڪريٽري کي يقين ڏياريو ته پاڪستان اسلامو فوبيا جي قابل مذمت لهر کي روڪڻ جي ل??ءِ او آءِ سي جي سمورن قدمن ۾ فعال طور تي ??صو وٺڻ جي ل??ءِ تيار آهي.